سرخ دمب

سرخ دمب

سرخ دمب

سرخ دمب (Surkh Damb): سراب (بلوچستان) جي ڏکڻ اولهه ۾ سروي مان معلوم ٿيو ته هيءُ ٻڌ جي دور جو ماڳ آهي. هتان يڪ-رنگو ميٽوڙي ٺڪراٺو مليو آهي، جيڪو انجيرا ماڳ سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. هتان جي ٺڪر تي ٽٻڪا نقش ٿيل آهن، جيڪي تاريخي دور جي رَهَتُن جي نشاندهي ڪن ٿا. ان کان سواءِ مٿاڇري تان مليل وٿن ۾ جانورن جي مورتين جا ٽڪرا، ۽ ٺڪراٺو شامل آهي، جنهن تي عمودي لهرون نقش ٿيل آهن. هن ماڳ جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته هيءُ ماڳ 2500- 3000 ق. م ۽ پوءِ ٻُڌ جي دور تائين وَسيل هو. مليل وٿن ۾ وچولي ٿلهي ڳاڙهي ٺڪر جو پيالو، جنهن تي اڇيرڙا ليڪا ڏنل آهن. ٿلهو ميٽوڙي ليڪن سان ٺڪر، جيڪو نال ٺڪر واري نموني جي ٺڪر وانگر آهي. ۽ ان تي ٻاهران چٽ چٽيل آهن. وغيره.
ملندڙ ٺڪر جو نمونو:
• ميٽوڙي ليپي سان ٿلهو ٺڪر جيڪو نال نموني جي ڪارين ۽ ڳاڙهين ليڪن سان چٽيل آهي. ساڳيو ٺڪر جو نمونو اسان کي انجيرا ماڳ جي IV دور مان ملي ٿو.
• ميٽوڙي ليپي سان ٺڪرُ، جنهن جي ٻاهران ڪاري رنگ جون ليڪون نڪتل آهن.
• هڪ ڳاڙهي ٿلهي رنگ جو پيالو، جنهن تي گهري ناسي رنگ جا چٽ، دمب سادات واري ٺڪراٺي جهڙا، آهن. ان ٺڪر جو مٿاڇرو پيلي/ ميٽوڙي. ڳاڙهي رنگ جو آهي. اهڙو ٺڪر جو نمونو انجيرا جي پنجين دور مان مليو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو